پاڪستانپنجاب

پريانٿا ڪمارا جي قتل ڪيس ۾ 89 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

لاهور : سيالڪوٽ ۾ پرتشدد ماڻهن هٿان بيرحمي سان قتل ڪيل سريلنڪن شهري پريانٿا ڪمارا جي قتل ڪيس ۾ 89 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو. گوجرانوالا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج نتاشا نسيم ڪوٽ لکپت جيل ۾ پريانٿا ڪمارا قتل ڪيس جي شنوائي ڪئي. ان دوران سيالڪوٽ سانحي جي 89 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو، جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪندي ڪيس جي دفاع جو فيصلو ڪيو. عدالت 14 مارچ سومر جي ڏينهن تي پراسيڪيوشن جي 14 شاهدن کي گھرائي ورتو. پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته بالغ ۽ نابالغ جوابدارن خلاف ڌار ڌار چالان جمع ڪرايا ويا آهن. پراسيڪيوٽر موجب پهرئين چالان ۾ 80 بالغ جوابدار کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻيو چالان 9 نابالغ جوابدارن جو آهي. پراسيڪيوشن پريانٿا ڪمارا قتل ڪيس ۾ ٻڌايو ته 40 شاهدن کي چالان جو حصو بڻايو آهي. پراسيڪيوشن واقعي جي وڊيوز، ڊجيٽل شاهديون، ڊي اين اي، اکين ڏٺا شاهد ۽ فرانزڪ شاهدن کي چالان جو حصو بڻايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button