پاڪستانسنڌ

وزيراعظم وٽ ڪجهه ڏينهن آهن،ڌمڪيون نه ڏي،جيڪو ڪرڻو اٿس ڪري وٺي:وڏو وزير

ڀان سيدآباد: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پ پ جي لانگ مارچ ۾ گلگت، ڪشمير سميت چئني صوبن جي عوام شرڪت ڪئي. عوام لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪري عمران سرڪار خلاف پنهنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي. قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي عوام چونڊي ٿي ۽ اهي قومي اسيمبلي ۾ عوام جو آواز اٿارين ٿا. هاڻي عدم اعتماد جي رٿ ۾ قومي اسيمبلي جا ميمبر عمران خلاف ووٽ ڏئي عوام جو آواز بڻجندا. ڇاڪاڻ ته ميمبرن کي ٻيهر عوام ڏانهن وڃڻو آهي، عدم اعتماد جي ڪاميابي بعد عمران خان وزيراعظم نه رهندو. هن اهڙو اظهار جهانگارا ۾ اڳوڻي يوسي چيئرمين غلام حسين شاهه جي پهرين ورسي تقريب ۾ شرڪت بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته عمران خان سليڪٽيڊ آهي، هاڻي هو اڪيلو ٿي ويو آهي ۽ مايوس آهي. ڪراچي ۾ اسان هڪ وزيراعظم نه پر هڪ مايوس شخص جي تقرير ٻڌي، عدم اعتماد کانپو جون ڌمڪيون نه ڏئي، جيڪو ڪرڻو آهي، هينئر ڪري وٺي، پو ان کي وقت نه ملندو. هارس ٽريڊنگ جي سوال جي جواب ۾ وزيراعلي سنڌ چيو ته ڪوبه اسيمبلي ميمبر خريد ناهي ٿيو، اسيمبلي ميمبر صرف عوام جو آواز بڻجي رهيا آهن ۽ عوامي مطالبي تي عمران خلاف ووٽ ڪري رهيا آهن. سينيٽ اليڪشن ۾ به نثار کهڙو سئو سيڪڙو ووٽ کنيا. ان موقعي تي وزيراعلي سنڌ سان گڏ عمير طارق باجاري، سليم باجاري، اڳوڻو ايم پي اي حسنين شاهه، شمن راهپوٽو، امان الله شاهاڻي، حاڪم خان نوحاڻي سميت ٻيا اڳواڻ پڻ گڏ موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button