حافظ آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم ايندڙ ڏينهن ۾ حڪومت ڪِرڻ بدران 3 ڪوئا شڪار ٿيندي ڏسندي. حافظ آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته جيڪڏهن اسان کي پاڪستان ٺاهڻ جي مقصد جي خبر ناهي ته هڪ قوم نٿا بڻجي سگهون، جيستائين قوم برائي جي خلاف نه بيهندي برائي وڌندي ويندي، ظلم خلاف نه بيهنداسين ته ظلم وڌندو ويندو. وزيراعظم چيو ته ڪا ڳڻتي نه ڪيو، هي حڪومت جي خلاف گڏيا آهن پر ڪجهه نه ٿيندو، ايندڙ ڏينهن ۾ سڀ ڏسندا ته حڪومت ڪرڻ بدران جيڪي 3 ڪوئا شڪار لاءِ نڪتا، اهي شڪار ٿي ويا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close