اسلام آبادپاڪستان

(ن) ليگي سينيٽر چوڌري تنوير عدالت ۾ پيش،هڪ ڏينهن جو رمانڊ منظور

اسلام آباد :مسلم ليگ(ن) جي سينيٽر چوڌري تنوير کي راولپنڊي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت جوابدار جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي طبي معائنو ڪرڻ، دوائن جي فراهمي ۽ گهر ڀاتين سان ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. رپورٽ موجب پنجاب جي اينٽي ڪرپشن کاتي مسلم ليگ(ن) جي گرفتار سينيٽر کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو. اينٽي ڪرپشن جي ٽيم ليگي اڳواڻ کي سخت سيڪيورٽي ۾ بڪتر بند گاڏي تي ڪينٽ ٿاڻي کان عدالت پهچايو، جتي کيس ڊيوٽي جج مجتبيٰ الحسن جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي ليگي ڪارڪن به عدالت جي ٻاهران موجود هئا جيڪي حڪومت جي خلاف نعريبازي ڪندا رهيا. چوڌري تنوير جي وڪيلن جسماني رمانڊ جي مخالفت ڪندي ٻڌايو ته چوڌري تنوير دل جو مريض آهي، کيس طبي امداد جي ضرورت آهي، وڪيلن جي بحث کان پوءِ عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو. عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي سينيٽر چوڌري تنوير چيو ته حڪومت گهٻرائجي چڪي آهي، سموري قوم هنن مٿان بي اعتمادي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. هن گهرو وزير شيخ رشيد لاءِ خصوصي پيغام به ڏنو ۽ چيو ته ايندڙ دور ۾ جڏهن گهرو وزير شيخ رشيد جيل اندر هوندو ته ان جي مانيٽرنگ مان پاڻ ڪندس. عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي جوابدار کي هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي اينٽي ڪرپشن جي حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت جوابدار جي طبي معائني جو حڪم ڏيندي ان جي گهر ڀاتين سان ملاقات ڪرائڻ ۽ دوائون ڏيڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي. جنهن کان پوءِ اينٽي ڪرپشن اختياريون چوڌري تنوير کي بڪتربند گاڏي ۾ ئي واپس کڻي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button