اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ جي معاملي تي چوڌري ڀائرن سان پي ٽي آئي جي 7 قومي اسيمبلي ميمبرن سان ملاقاتن جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب پي ٽي آئي جي 7 قومي اسيمبلي ميمبرن جي مسلم ليگ (ق) جي قيادت سان ڳجهين ملاقاتن جو انڪشاف ٿيو آهي. انهن حڪومتي قومي اسيمبلي ميمبرن گذريل ٽن ڏينهن ۾ (ق) ليگ جي صدر چوڌري شجاعت حسين ۽ چوڌري پرويز الاهي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ حڪومتي ايم اين ايز، (ق) ليگ سان گڏ بيهڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ذريعن موجب ملاقات دوران باغي ميمبرن کي نااهلي کان بچائڻ لاقانوني ماهرن به بريفنگ ڏني آهي. قانوني ماهرن پاران ٻڌايو ويو آهي ته ووٽ وجهڻ کان ڪنهن ايم اين اي کي نٿو روڪي سگهجي، نااهلي جي شڪ ووٽ وجهڻ کان پوءِ لاڳو ٿيندو، ان لاءِ طور طريقو ڊگهو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close