اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان حڪمت عملي طئي ڪرڻ لاءِ اپوزيشن پارٽين جو گڏيل صلاح مشوري وارو اجلاس اڄ سومر تي شهبازشريف جي رهائشگاهه تي ٿيندو. جنهن لاءِ آصف علي زرداري کي به گهرايو ويو آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي ۽ حڪومتي اتحادي پارٽي سان رابطن جو به جائزو ورتو ويندو. اجلاس ۾ پارليامينٽ لاجز تي پوليس جي ريڊ ۽ ايم اين ايز تي تشدد ۽ گرفتاري کان پوءِ واري صورتحال تي حڪمت عملي تي به صلاح مشورا ڪيا ويندا. شهباز شريف پاران اپوزيشن اڳواڻن جي مان ۾ رات جي ماني جو به بدوبست ڪيو ويندو. اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو زرداري به شريڪ ٿيندو. جڏهن ته اختر مينگل سميت اپوزيشن جي سمورين پارٽين جي اڳواڻن کي گهرايو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close