اسلام آبادپاڪستان

245 تحت فوج کي به گهرائي سگهجي ٿو:شيخ رشيد

اسلام آباد : وفاقي گهرو زوير شيد رشيد چيو آهي ته جيڪو وزيراعظم عمران خان سان گڏ بيهندو الله به ان کي عزت ڏيندو ۽ قوم به ان کي عزت ڏيندي. اسان جبل وانگر عمران خان سان گڏ بيٺا آهيون، 15 تاريخ کان پوءِ عمران خان جي پوزيشن وڌيڪ چٽي ٿي ويندي. اپوزيشن اهو ئي ڪم ڪري رهي آهي جيڪو ان جو ڪم آهي. جڏهن اسان به اپوزيشن ۾ هئاسين ته ايئن ئي ڪندا هئاسين. عمران خان ڪيڏانهن نه پيو وڃي، پنج سال پورا ڪندو. منهنجي پنج سيٽن وارا ماڻهو بليڪ ميل ڪندڙ ڳالهه سان ماڻهو ناراض ٿي چڪا، پنهنجي ڪتابن ۾ چئي چڪو آهيان ته چوڌري ظهور الاهي ۽ خواجه صفدر جا مون تي احسان هئا. شجاعت منهنجو ڀاءُ آهي، جيستائين جيئرو آهيان ڪڏهن به ان جي خلاف ڳالهه نه ڪندس. ڪنهن مليشيا فورس کي اسلام آباد اچڻ جي اجازت نه ڏيندس. ملڪ ڏڦيڙ طرف وڃي رهيو آهي، ملڪ کي جمهوريت ڏانهن وڃڻ گهرجي. ستن ڏينهن لاءِ ريجرز ۽ ايف سي ٻنهي کي گهرائي ورتو آهي. 245 تحت فوج کي به گهرائي سگهجي ٿو. اميد آهي ته اهڙي نوبت نه ايندي ۽ مسئلو بهتر نموني طئي ٿي ويندو. آچر تي هتي ايف نائين پارڪ ۾ اسلام آباد چيمبر پاران عورتن جي ڪاروبارن لاءِ لڳايل بازار جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ جو فيصلو اسپيڪر کي ڪرڻو آهي، 22 کان 24 مارچ تائين اسلام آباد ۾موڪل هوندي. گهرو وزير چيو ته اتحادين کي مشڪل وقت ۾ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. هڪ سوال تي گهرو وزر چيو ته جيڪڏهن اسلام آباد ۾ هڪ ئي وقت ۾ ٻه جلسا ٿيا ته گهرو وزارت بهتري جو رستو ڪڍي وٺندي. گهرو وزير چيو ته اسپيڪر جو فيصلو ڪنهن عدالت ۾ چئلينج نٿو ٿي سگهي ۽ اسپيڪر جيڪو به فيصلو ڪندو اهو قانوني ۽ آئيني فيصلو هوندو. گهرو وزير چيو ته هو مولانا فضل الرحمان سميت سڀني عالمن سڳورن جو احترام ڪري ٿو، اسان ڪنهن کي وڙهڻ جي اجازت نه ڏينداسين. هن چيو ته پارليامينٽ لاجز جي واقعي ۾ فرضن کان ڪوتاهي ڪندڙ اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي. پارليمينٽ لاجز ۾ 365 فئمليز رهن ٿيون. گهرو وزير واضح طور تي چيو ته انصارالسلام يا ڪائي مليشيا اسلام آباد ايندي ته ان کي چٿيون ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button