عمرڪوٽ: ڍاٽ جي راڻي پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھه سوڍو جي 65 ھين سالگرھه جي موقعي تي سندس چاھيندڙن پاران ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن جي مختلف شھرن ۾ ڪيڪ ڪاٽي تقريبون منعقد ڪيون ويون، مک تقريب راڻا ھائوس عمرڪوٽ تي ٿي، جنھن ۾ شھر جي معززن ۽ سياسي سماجي اڳواڻ سردار ڀيو، ڪنول موھن لال، برج لال مھيشوري، شوڪت اڌيپوري، ٽيڪم داس سنگراسي، رميش ڪمار رتناڻي، ڌرمداس نرڀاڻي، وڪيل ڀورا لال، پاميسٽر ڀاڳچند، سروپ مالھي، گوتم داس سنگراسي، ڀڳوانداس مھراج، ڪانجي مل رکيسر ۽ ٻين شرڪت ڪئي، تقريب ۾ سالگرهھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته راڻا خاندان عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جي عوام جي بنا ڪنھن متڀيد جي خدمت ڪئي آھي ۽ غريب ماڻھن جي مسئلن لا اسيمبلي ۾ آواز اٿاريو آھي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close