ڪلوئي (ن، سنڌ ايڪسپريس) ڪلوئي ۾ رڻ شاخ ۽ ڏيپلو مائينر جي آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف بلوچ آباد وٽان احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي آبادگار اڳواڻ رياض درس، محمد عيسى لنڊ، بھادر لنڊ، رمضان لنڊ ۽ ٻين چيو ته آبپاشي عملدار ھٿرادو رڻ شاخ ۽ ڏيپلو مائينر جي آبادگارن کي تباهھ ڪرڻ لا ھفتي بدران 21 ڏينهن وارابندي ڪري هٿرادو پاڻي جي کوٽ پيدا ڪري تباهه ڪن پيا. ڪلوئي رڻ شاخ ۽ ڏيپلو مائينر کي شيڊيول ۽ ورڇ مطابق پاڻي ڏنو وڃي. پاڻي نه هجڻ سبب پوکيل مرچن جو ٻيڄارو، مڪائي ۽ ٻيو فصل سڪي رهيو آهي. رڻ شاخ ٽيل جي ايسوسيئيشن جي صدر عثمان ھالو، قيوم راھو ۽ ٻين چيو ته آبپاشي عملدار ظلم ڪري رهيا آهن. هنن سيشن جج ٿرپارڪر ۽ ڊي سي ٿرپارڪر کان گهر ڪئي ته آبپاشي عملدارن جي ظلم جو نوٽيس وٺي پاڻي ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close