ڊگهڙي: ڊگهڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ مندرانولا ۾ پرڻيل هريان زال رڻڇو ڀيل گهر جي ڇت ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال پهتي، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي ڳوٺ کڻائي ويا. خودڪشي ڪندڙ ناري جي مڙس 52ورهين جي رڻڇو ڪولهي تعلقي اسپتال ۾ صحافين کي ٻڌايو ته آئون ڪمند جي ٽرالي ڀرڻ لا ويل هئس، جتي گهرڀاتين جي اطلاع تي آئون گهر پهتس، خودڪشي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو. ناري جي والد ۽ مڙس پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان ڪابه قانوني ڪارروائي نٿا ڪرائڻ چاهيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close