سرھاڙي: سرهاڙي لڳ نامعلوم ماڻهن 2 ايڪڙن جي گڏ ڪيل ڪڻڪ جي ديري کي باھه ڏئٔي فرار ٿي ويا، خبر موجب سرھاڙي شھر لڳ سرھاڙي-نوابشاھه ٽپالي روڊ تي زميندار علي ڏنو مگسي جي گڏ ٿيل ڪڻڪ جي ديري کي نامعملوم ماڻهن باھه ڏئٔي ساڙي ڇڏيو، ڳوٺاڻن بروقت فائٔربرگيڊ نوابشاھه ۽ شھدادپور عملي کي فون ڪري اطلاع ڪيو پر واقعي واري ھنڌ عملو نه پھتو، جڏنھن ته ڳوٺاڻن ۽ علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت لڳل ڪڻڪ جي ديري جي باھه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڏسندي ڏسندي باھه گڏ ٿيل سموري ڪڻڪ کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو.
جڏنھن ته پورھيت سرھاڙي ٿاڻي جي پوليس کي پڻ اطلاع ڪيو پر پوليس به سستي جو مظاھرو ڪري نامعلوم ماڻهن کي ڀڄڻ جو موقعو ڏئي ڇڏيو. پورھيت گلاب خان مگسي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته منهنجي گڏ ٿيل ڪڻڪ جي ديري کي ڪنهن ھٿ سان سوچي سمجھي باھه ڏني آهي، جنهن سبب گڏ ٿيل تقريبن 150 مڻ ڪڻڪ سڙي رک ٿي وئي آهي.