پاڪستانسنڌ

ٽنڊومحمدخان لڳ ڇوڪري جي مبينا خودڪشي، 2 ڏينهن ۾ انگ 5 ٿي ويو

ٽنڊومحمدخان: ٽنڊومحمدخان ضلعي اندر گذريل 2 ڏينهن کان خودڪشي وارن واقعن ۾ تيزي اچي وئي آهي، ٽنڊومحمدخان لڳ ستر موري جي ڳوٺ علي مراد لغاري ۾ 18 ورهين جي فرزانه ڌيءَ علي گل لغاري جو ڦاھو لڳل لاش مليو آهي، ڇوڪري جي وارثن جو چوڻ آهي ته فرزانه گھرو اڻبڻت سبب ڦاھو کائي خودڪشي ڪئي آهي.

ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ ٻن ڏينهن اندر هي مبينا طور پنجين خودڪشي آهي، ٻه ڏينهن اڳ گهڙو موري لڳ نوجوان ثمينه جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليو، آبادگار لڳ ڳوٺ ڏاڏا سائين ڀرسان اعجاز شيخ، ڳوٺ آچار ملاح ۾ بيرزگاري کان تنگ اچي نوجوان قادر ملاح جي مبينا خودڪشين جا واقعا پيش آيا هئا، پر هيستائين مليل ڄاڻ موجب ڪنهن واقعي جي جاچ نه ٿي ته اها خودڪشي آهي يا قتل جو واقعو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button