پاڪستانسنڌ

سرھاڙي لڳ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان نوابشاهه اسپتال ۾ فوت

سرھاڙي: 2 ڏينهن اڳ سرھاڙي-نواب شاھه ٽپالي روڊ تي ٻن موٽرسائيڪل ۾ آمھون سامھون زوردار ٽڪر لڳڻ سبب ھڪ ڄڻو نواز ڀنگوار سخت زخمي ٿي پيو هو. جنهن کي وارث ڳڻتي جوڳي واري حالت ۾ نوابشاهه اسپتال کڻاڻي ويا، جتي ڪالهه نوجوان زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. وارث نوجوان جي لاش کي ڳوٺ شير محمد ڀنگوار ۾ کڻائي آيا.

جيڪو گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. نوجوان جي جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپو اباڻي قبرستان درگاهه غوث علي بخاري جي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي، جڏهن ته پوئينرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button