ميرپوربٺورو: ميرپوربٺورو ۾ وڌندڙ سماجي براين، ۽ تعلقي ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ، پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف جمعت علما اسلام پاران تلاءُ چوڪ کان مين بس اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي مختلف رستن کان ٿيندي مين بس اسٽاپ تي پھتي. جتي مظاهري جي شڪل اختيار ڪري وئي. ان موقعي تي اڳواڻن مولوي طفيل کٽي، زبير، طاهر کٽي، مولوي عبدالعزيز لغاري، مولوي حسين لنڊ، مولانا اصغر سوڊو، سيد صداقت شاھه، نعمان شورو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ميرپوربٺورو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ منشيات عام وکر جيان وڪامجي رهي آهي، هيروئن آئيس جهڙي وبا ۾ نوجوان مبتلا ٿي رهيا آهن ۽ پوليس منٿليون مقرر ڪري ڇڏيون آهن، بدامني عروج تي پهچي وئي آهي، ڪنھن جي جان عزت ۽ مال محفوظ ناهي، هنن چيو ته سرڪاري آفيسن ۾ ڪرپشن جو راڄ آهي، شهر توڙي ٻهراڙين ۾ ترقياتي ڪم زيرو برابر آهي، روڊ رستا تباهه حال آهن، شهر جا تلائن ۾ گندگي آهي، شهري پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ پريشان آهن، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور سڀئي مسئلا حل ڪيا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close