پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ روڊ حادثو قتل جو واقعو نڪتو، جوابدار گرفتار، ڏوهه جو اعتراف

حيدرآباد: حيدرآباد جي علائقي بلديا ٿاڻي جي حد ۾ ٽي هفتا اڳ موٽرسائيڪل حادثي ۾ فوت ڏيکاريل شخص کي 5 هزار جي ڏيتي ليتي تان قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، مقتول جو قتل ڪيس داخل، جوابدار گرفتار، ڏوهه جو اعتراف، خبر موجب حيدرآباد جي بلديا ٿاڻي جي حد ۾ 23 فيبروري تي مڇي جي واپاري سومار ملاح فوت ٿي ويو هو. وارثن کي موٽر سائيڪل تان ڪري زخمي هجڻ جو اطلاع ڪيو ويو، جنهن بعد زخمي کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ ڪجهھ وقت کانپو کيس ڪراچي جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏهن ته مقتول جي ڀا بچل ملاح فريادتي ٿي ٿاڻي تي قتل جو شڪ مقتول جي دوست خرم مسيح تي ظاهر ڪيو هو.

جيڪو مقتول جو دوست هو، جنهن خلاف قتل ڪيس داخل ڪري پوليس کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار پوليس آڏو قتل جو اعتراف ڪندي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سومار ملاح جو مون تي 5 هزار قرض هو، جيڪو هن گهريو، جنهن تي مون کي ڪاوڙ آئي ۽ هاڪي سان مٿي ۾ ڌڪ هڻي قتل ڪيو. ان رات اسان گڏجي شراب پڻ پيتو هو. جنهن بعد قتل ڪيم. بلديا پوليس جوابدار خرم مسيح کي ڪالهه حيدرآباد جي سول جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو. جنهن کي عدالت 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته پوليس قتل ۾ استعمال ٿيل هاڪي پڻ هٿ ڪري ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button