سنڌ

جانورن ۾چمڙي جي بيماري،کير ۽ گوشت جي کپت گهٽجي وئي

ڪراچي ۾ جانورن ۾ چمڙي جي بيماري لمپي اسڪن مالوند ماڻهن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي، عوام گوشت کائڻ ۽ کير واپرائڻ ڇڏي ڏنو، 20 لک ليٽر کير جي کپت گهٽجي وئي، لائيو اسٽاڪ کاتو اڃا نه جاڳيو. تفصيل موجب جانورن ۾ چمڙي جي بيماريءَ مالوند ماڻهن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، کير ۽ گوشت جي واپرائڻ کي انساني آبادي لاءِ خطرناڪ افواهن سبب عوام گوشت ۽ کير واپرائڻ گهٽ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب وڏي گوشت جا دڪان ويران نظر اچي رهيا آهن، ڪراچي ۾ 20 لک ليٽر کير جي کپت به گهٽجي وئي آهي، جنهن سبب مالوند ماڻهو سخت پريشان آهن، سڄي سنڌ سميت ملڪ جيان ڪراچي ۾ لکين کير ۽ گوشت جا جانور موجود آهن، عام ماڻهو حڪومت پاران بهتر انتظام نه ٿيڻ، بروقت نه پهچڻ سبب پريشان آهن. ان ڏس ۾ ڊيري اينڊ ڪيٽل فارمر ايسوسيئيشن جي صدر شاڪر عمر گجر جو چوڻ آهي ته اسان گذريل 6 مهينن کان صوبائي توڙي وفاقي حڪومت آڏو رڙيون ڪيون ته ڳئون ۾ چمڙي جي بيماري اچي وئي آهي، هن خطرناڪ وبا کي روڪڻ لاءِ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ توڙي صوبائي لائيو اسٽاڪ کاتا پنهنجو اپاءُ وٺن پر صوبائي حڪومت ڪي تڪڙا اپاءَ نه ورتا، نتيجو اهو نڪتو آهي ته افواهن سبب عام ماڻهو سخت متاثر ٿيا آهن، خاص طور تي ڪراچي ۾ 20 لک ليٽر کير جي کپت ۾ گهٽتائي آئي آهي، سڄو نقصان مالوند ماڻهن کي ٿي رهيو آهي، جنهن جو ازالو تمام مشڪل آهي، ٻئي طرف دڪاندارن گوشت جو اگهه گهٽ ڪرڻ صاف انڪار ڪندي چيو آهي ته دڪاندار صحتمند جانورن جو گوشت وڪرو ڪري رهيا آهن، جنهن مان انساني آبادي کي ڪوبه نقصان ناهي انڪري حڪومت فوري طور تي گوشت جي صنعت کي تباهه ٿيڻ کان بچائي، ورلڊ اينيمل هيلٿ آرگنائيزيشن پڌرو ڪيو آهي ته متاثر جانورن جو گوشت ۽ کير واپرائي سگهجي ٿو، جنهن مان انساني آبادي کي ڪوبه خطرو ناهي. هوڏانهن لائيو اسٽاڪ کاتي سنڌ ۾ بيماري کان بچاءَ لاءِ ڪي به خاص اپاءَ نه ورتا آهن، جنهن تي مالوند ماڻهن ۾ وڌيڪ ڳڻتي واري لهر ڇانئجي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button