سنڌ

”تحفظ ڏنو وڃي“ ميرپورخاص ۾ سانگي ڦرهو واسي جوڙي جو احتجاج

ميرپورخاص ۾ سانگي ڦرهو واسي جوڙي تحفظ لا احتجاج ڪيو. ان موقعي تي بدين ضلعي جي ڳوٺ اڊوڙي ٽيل جي رهواسڻ ثمرين ملاح ۽ سانگي ڦرهو جي رهواسي علي حسن ملاح ميرپورخاص جي عدالت ۾ پرڻو ڪرڻ بعد صحافين اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ثمرين ملاح چيو ته سئوٽ علي حسن سان محبت ڪندي آهيان پر مائٽن شادي ڪرائڻ کان انڪار ڪيو ته گهران نڪري عدالت ۾ شادي ڪئي آهي. اهڙي عمل بعد مائٽ مڇرجي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ چاهين ٿا. جنهن ڪري خوف سبب دربدري واري زندگي گهاري رهيا آهيون. هنن اختيارين کان انصاف ۽ تحفظ جو مطالبو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button