اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو احمد علي سومرو ۽ ايس پي هيڊڪوارٽر آصف رضا بلوچ اينٽي انڪروچمينٽ، ميونسپل عملي، ٽرئنڪ پوليس ۽ ضلعي پوليس کي ساڻ ڪري مختلف علائقن باقراڻي روڊ، پاڪستان چوڪ، بند روڊ، بئنڪ اسڪوائر سميت ٻين علائقن ۾ حددخلين خلاف ڪاروايون ڪيون، جنهن دوران دڪانن اڳيان روڊن رستن مٿان پيل سامان هٽرايو ويو، ڪيترن ئي موٽرسائيڪلن، ڪارن سميت ٻي سامان کي قبضي ۾ ورتو ويو. ان موقعي تي اي سي احمد علي سومرو چيو ته شهر اندر انڪروچمينٽ ايتري حد تائين وڌي وئي آهي جو عام ماڻهو جو گهمڻ ڦرڻ مشڪل ٿي ويو آهي. شهرين جي شڪايتن تي مختلف علائقن ۾ ڪاروايون ڪيون آهن، دڪاندارن پاران روڊ جي ٻنهي پاسن کان رکيل سامان ضبط ڪندي انهن دڪاندارن کي وارنگ ڏني آهي ته جيڪڏهن هو ٻيهر روڊن تي سامان رکندا ته سندن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close