سنڌ

ميرپورخاص ۾ حيدرآباد واسين جو بااثرن جي ظلم خلاف احتجاج

ميرپورخاص ۾ حيدرآباد جي ڪرسچن ڪالوني واسي ڀيل برادري جي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي تيجو ڀيل، لڇمي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته علائقي جي بااثرن اسان جو جيئڻ جنجال بڻايو آهي بااثر ڪالو مسيح، ڪاشف مسيح، عبداللہ، نواز، جمعو ۽ ٻيا زوري اسان کي گھر وڪرو ڪرڻ لا دٻا وجهي رهيا آهن، انڪار تي گهر ۾گهڙي عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻائي عورت کي وارن مان جهلي زمين تي گهلي تذليل جو نشانو بڻايو ويو. اھڙي شڪايت ڏيڻ باوجود پوليس بااثرن خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي. هنن چيو ته بااثر گھر تي زوريءَ قبضو ڪرڻ خاطر مختلف طريقن سان حراسان ڪري ڌمڪائي رهيا آهن، اسان جي ڪير ٻڌڻ وارو ناهي. مجبور ٿي ھتي احتجاج لاءِ پھتا آھيون. ھنن آ جي سنڌ، ڊي آ جي، ايس ايس پي حيدرآباد سميت وسوارن کان مطالبو ڪيو ته بااثرن جي زيادتين جو نوٽيس وٺي انھن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button