سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ قمبر واسين جو پوليس جي ڏاڍ خلاف احتجاجي مظاهرو

شهدادڪوٽ پوليس پاران مبينا پوليس مقابلي ۾ زخمي ڪيل قمبر واسي نوجوان محمد يونس چانڊيو جي وارثن لاڙڪاڻي پهچي شهدادڪوٽ ۽ قمبر پوليس خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي قمبر جي بروهي پاڙي جي رهواسي زخمي نوجوان محمد يونس چانڊيو جي پي محمد يوسف چانڊيو گهرواري زبيده خاتون، ڌيءُ زيبل، پٽ ادريس، ڀاءُ حامد چانڊيو ۽ ٻين مائٽن سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته پاڙي جي بااثر پوليس اهلڪار شاهد عباسي 27 فيبروري تي منهنجي نوجوان پٽ محمد يونس چانڊيو کي هڪ خالي گهر مان پاڙي جي ٻارن لاءِ لغڙ لاهي ڏيڻ جي معمولي ڳالھه تان ڪاوڙجي قمبر پوليس هٿان گرفتار ڪرايو. ساڳي ڏينهن پوليس اهلڪار شاهد عباسي پٽ يونس مٿان بهرام ٿاڻي تي پوليس مقابلي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي کيس فرار جوابدار ڄاڻايو، جنهن بعد پٽ يونس چانڊيو کي مختلف هنڌن تي قيد ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ان دوران پوليس پٽ جي آزادي لاءِ اسان کان ٻه لک رشوت طلب ڪئي، جيڪي نه ڏيڻ ڪري هنن پٽ يونس کي شهدادڪوٽ جي بي سيڪشن ٿاڻي حوالي ڪيو، جنهن گذريل آچر ۽ سومر واري رات ڪوڙي مقابلي ۾ پٽ يونس کي گوليون هڻي هڪ ڄنگھه کان معذور ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو هن وقت چانڊڪا اسپتال ۾ داخل آهي. شهدادڪوٽ بي سيڪشن پوليس ناجائز هٿيار رکڻ ۽ پوليس مقابلي جا ٻه ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پوليس کان پڇاڻو ڪري بااثر اهلڪار شاهد عباسي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button