پاڪستانسنڌ

ملڪ ۾ مسئلن جو حل برابري بنياد تي حق ڏيڻ سان ئي آهي: قادر مگسي

حيدرآباد: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آھي ته پاڪستان جي سمورن مسئلن جو حل ملڪ جي سمورين قومن کي برابري جي بنياد تي حق ڏيڻ سان ئي ٿي سگھي ٿو. اصل ۾ ھي ملڪ ھڪ گھڻ قومي رياستن تي ٻڌل ملڪ آھي، جنھن ۾ سموريون رياستون پنھنجي مرضي سان ان شرط تي شامل ٿيون ھيون ته کين برابري جي بنياد تي حق ڏنا ويندا. پر ائين نه ٿيو ملڪ جي اندر اڻ برابري واري مالياتي، اقتداري ۽ پارليماني ورڇ سبب مظلوم ۽ محڪوم قومن جو استحصال ٿيندو آيو آھي.

ھن چيو ته اھو ئي سبب آھي ته جڏھن ملڪ جي اندر اقتدار بچائڻ يا حاصل ڪرڻ لاءِ وفاقي پارٽين ۾ راند شروع ٿيندي آھي ته ان ۾ سياسي رشوت جي بازار لڳندي آھي، جنھن ۾ مظلوم قومن جي مفادن جو سودو ٿيندو آھي، جنھن ۾ سڀ کان وڌيڪ سنڌ ڀوڳيندي آھي، پوءِ اھا سوديبازي پ پ ڪري يا پي ٽي آئي ۽ ڪا ليگ ڪري پر ان ۾ سنڌ جي مفادن کي وڪرو ڪري ان جو استحصال ڪيو ويندو آھي. آمريت جي دورن ۾ ھوئن سڀ کان وڌيڪ سنڌ کي نقصان رسندو آيو آھي پر ھنن جمھوريت جي دعويدار وفاقي پارٽين جي دورن ۾ به ائين ٿيندو آيو آھي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته زرداري جو ايم ڪيو ايم سان ٺاھه ۽ سندن مطالبا تسليم ڪرڻ ڪا نئين ڳالھه ناھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button