ڪڪڙ: ڪڪڙ جي ڳوٺ مريد ٻٻر جي گورنمنٽ پرائمري اسڪول جي استادن، شاگردن ۽ ڳوٺاڻن هيڊ ماستر لياقت علي ٻٻر، استاد رجب علي ٻٻر، محمد لقمان ٻٻر، علي اڪبر ٻٻر، محمد خان ٻٻر ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسڪول جو مرمتي ڪم اڌ ۾ ڇڏي ٺيڪيدار گم ٿي ويو آهي، جنهن ڪري ٻن سالن کان تعميراتي ڪم رولڙي جو شڪار آهي. جڏهن ته شاگرد نٽهڻ اس ۾ کليل آسمان هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. هنن ڊپٽي ڪمشنر دادو ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته اسڪول جو تعميراتي ڪم ڪرايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close