پاڪستانسنڌ

مهراڻ، لمس، سنڌ يونيورسٽي ۽ ٻين ادارن جون رهتون ڄاڻائي پاڻي بند

ڄامشورو: آبپاشي کاتي جي ڪارروائي، 6 ڪروڙ روپين جن رھتون ڄاڻائي ڪوٽڙي صنعتي زون، سائيٽ ايريا، پبلڪ ھيلٿ ڊپارٽمينٽ، گيسٽر پاور اسٽيشن، ميونسپل ڪاميٽي يوسي ٻولھاڙي، ٽائون ڪاميٽي ڄامشورو، مهراڻ، لمس، سنڌ يونيورسٽي، سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين ادارن جون پمپنگ اسٽيشنون سيل تفصيل موجب آبپاشي کاتي جي ايس ڊي او محمد علي ميمڻ، داروغي الله بچايو، شڪيل صديقي عملي سان گڏجي ڪارروائي ڪري مختلف ادارن جون پمپنگ اسٽيشنون سيل ڪري ڇڏيون. آبپاشي کاتي جي عملدارن موجب ڪوٽڙي صنعتي زون، سائيٽ ايريا، پبلڪ ھيلٿ ڊپارٽمينٽ تي ڏيڍ ڪروڙ، گيسٽر پاور اسٽيشن تي ھڪ ڪروڙ، ميونسپل ڪاميٽي تي 60 لک، يوسي ٻولھاڙي 60 لک، ٽائون ڪاميٽي ڄامشورو 10 لک، مهراڻ، لمس تي 12 لک، سنڌ يونيورسٽي تي 17 لک ۽ سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي تي 60 لک سميت ٻين ادارن جون پمپنگ اسٽيشنون رهتون ڄاڻائي سيل ڪيون ويون آهن، جنهن کان پو ادارن ۾ پاڻي کوٽ پيدا ٿي وئي. ايس ڊي او محمد علي ميمڻ ٻڌايو ته 6 ڪروڙ ادا نه ڪرڻ تي ڪارروائي ڪئي آهي، رهتن جي ادائيگي بعد پمپنگ اسٽيشن بحال ڪيا ويندا نه ته رينجرز جي مدد سان رهتون ادا نه ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button