پاڪستانسنڌ

چمبڙ ۾ پرائمري اسڪول زبون، ڳوٺاڻن جو احتجاج

مسڻ وڏي: مسڻ وڏي لڳ تعلقي چمبڙ جي يوسي بيگن جروار جي ڳوٺ طالب ٿيٻو ۾ ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جي عمارت ضلعي حيدرآباد جي چيئرمين ڊاڪٽر مخدوم رفيق الزمان 1988ع ڌاري ڏني ھئي، ھڪ ڪمري واري اسڪول ۾ تعليمي عمل شروع ٿيو، جنهن کي 34 سال گذري ويا آهن، مها ٻوڏ ۾ اسڪول جي ڇت ڪري پئي، جنهن جو اطلاع ٽنڊوالهيار تعليم کاتي ۽ ٻين واسطيدار ادارن کي ڏنو، پر ڪجهه نه ٿيو، جنهن بعد ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪچي ڇت ڪاٺ واري ٺاهي تعليم جو عمل جاري رکيو، هاڻ اسڪول مڪمل طور زبون ٿي ويو آهي، جنهن سبب ٻارن جي زندگين کي خطرو آهي. رهواسين محمد يونس ٿيٻو، غلام رسول ٿيٻو، ڪامريڊ گورڌن ميگھواڙ ۽ ٻين صوبائي وزير سردار شاهھ، ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي، ايم پي اي امداد پتافي ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته اسڪول جي عمارت نئين سر تعمير ڪرائي ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button