ڄامشورو: مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس خيرپور ميرس جي ڊپارٽمينٽ آف پيٽروليم اينڊ نيچرل گيس انجنيئرنگ پاران ٽي ڏينهن جي پيٽروفيسٽا ايونٽ جي رنگارنگ افتتاحي تقريب ٿي گذري. تقريب جي مھمانِ خاص ڪيمپس جي پرووائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالسميع قريشي ۽ پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ جي سينئير مينيجر سيد طارق حسني ربن ڪٽي ايونٽ جو باقاعدہ افتتاح ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ڪيمپس جي پرووائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالسميع قريشي چيو ته غيرنصابي سرگرمين سان شاگردن جي اعتماد ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ انھن ۾ موجود صلاحيتون اجاگر ٿين ٿيون. تقريب جي مھمانِ خاص پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ جي سينئير مينيجر سيد طارق حسني چيو ته اتر سنڌ ۾ ھڪ بھترين ادارو شاگردن کي بھترين تعليم مھيا ڪري رھيو آھي. ياد رھي ته ٽي ڏينھن جاري رھندڙ ايوينٽ ۾ ڪرڪيٽ، بيڊمنٽن، ٽيبل ٽينس، رساڪشي، لُڊو، لانگ جمپ، والي بال، فوٽبال ۽ ريس جا مقابلا ٿيندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close