عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ڊزاسٽر رسڪ رڊڪشن فورم سان لاڳاپيل سمورا کاتا قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ بھتر حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪن. اھڙن خيالن جو اظهار ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ طاھر علي ميمڻ پنهنجي آفيس جي دربار ھال ۾ ڊزاسٽر رسڪ رڊڪشن فورم جي ڪوٺايل اھم گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته تازو جانورن ۾ وچڙندڙ بيماري به ھڪ قدرتي آفت آھي، جنھن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ھن فورم جا سمورا ميمبر پنھنجي ذميواري قبول ڪندي پنھنجي حصي جو ڪم بھتر انداز سان ڪن ته جيئن جانورن ۾ وچڙندڙ بيماري تي ضابطو آڻي سگهجي ۽ مالوندن جي مدد ڪري سگهجي. ھن ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر گڻيش کتري کي ھدايت ڏيندي چيو ته جانورن ۾ ڦھلجندڙ بيماري جي حوالي سان ھڪ مڪمل آگاهي مھم ھلائي وڃي ۽ ضلعي اندر موجود سمورن جانورن جي اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي، ڇاڪاڻ ته ھن خطي جي اڪثر آبادي جو گذر سفر چوپائي مال تي آهي ۽ ان سان گڏ ايمرجنسي نمبر جاري ڪيو وڃي ته جيئن مالوند ماڻهو رابطو ڪري سگهن. ھن چيو ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ ماڻھن جي مدد ڪرڻ لاءِ سمورن کاتن سميت سماجي تنظيمن جا عملدار ڪردار ادا ڪن. ان موقعي تي ھن سوشل ويلفيئر کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر کي ھدايت ڪئي ته سمورن سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سان رابطو ڪري پابند بڻايو وڃي ته اھي قدرتي آفتن دوران ڀرپور سهڪار ڪن. ان موقعي تي سماجي تنظيم پاڪ مشن سوسائٽي جي اڳواڻ رابعيه عباس گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ڊي آر آر فورم جوڙڻ جو مقصد ئي اھو ھيو ته سمورن اسٽيڪ ھولڊرن کي ھڪ فورم تي گڏ ڪري ڪنھن به ايندڙ قدرتي آفتن دوران متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي وقت سر مدد ڪري سگهجي. آخر ۾ سمورن کاتن ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجا ڪانٽيجينسي پلان ڏنا. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڪبير محمد شاهھ، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ارجن ڪمار مھيشوري، ڊپٽي ڊائريڪٽر زراعت حسين بخش خاصخيلي، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر قمر الزمان ڀنڀرو، اي سي عمرڪوٽ غلام حسين ڪانيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close