پاڪستانسنڌ

ڪنري ۾ آ ٽي سينٽر قائم، ماڻهن کي وائي فائي سهولت ملندي

ڪنري/ نبي سرروڊ :انفارميشن ٽيڪنالاجي جي صوبائي وزير نواب تيمور ٽالپر پبلڪ پارڪ ڪنري ۾ آ ٽي سينٽر جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير نواب تيمور ٽالپر چيو ته اسان اوهان سان واعدو ڪيو هو ته اوهان کي وائي فائي جو تيز ترين نيٽ ورڪ فراهم ڪنداسين، اهو واعدو پورو ڪري ڏيکاريو، تقريبن پوڻا ٽي ڪروڙ جي لاڳت سان تيار ٿيندڙ سينٽر مان هر ماڻھو فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو، هي وائي فائي جو فري پيڪيج آھي، لائبريري جي حد ۾ فري وائي فائي استعمال ڪري شاگرد ۽ واپاري فائدو کڻي سگهن ٿا، سال جو پيڪيج سنڌ سرڪار طرفان ڏنو ويو آهي، ان کانپو شايد فيس ورتي وڃي. هوڏانهن صوبائي وزير تيمور ٽالپر ڳوٺ هوٿي خان چانڊيو پهتو، جتي هوٿي خان چانڊيو، عثمان چانڊيو، نارو ڀيل، فتو ڪولهي ۽ ٻين پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي تيمور ٽالپر ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسان کي اهڙو وزيراعظم مليو آهي، جيڪو تقريرن ۾ ليڊرن کي گاريون ڏئي ٿو، هو چريو ٿي ويو آهي. آصف زرداري ڪنگ ميڪر آهي، هو جنهن کي به چاهيندو، اهو وزيراعظم ٿيندو. ان موقعي تي اڳوڻو ٽائون چيئرمين شڪيل احمد باجوه، حاجي امير حسن خاصخيلي، قاضي صادق، محمد سعيد ميمڻ، ملڪ محمد چانڊيو، فتح خان چانڊيو، ميانداد چانڊيو ۽ ٻيا گڏ هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button