
6 مھينا اڳ ٻٻرلوءِ ٿاڻي جو ايس ايڇ او امير علي چانگ، اي ايس آ شاھد علي خشڪ ۽ ٻيا اھلڪار خيرپور ڀرسان ڳوٺ وڏا سمنگ جي رھواسي نعيم سمنگ کي پير بادل تان کنڀي کڻي ويا هئا، جنهن بعد وارثن خيرپور جي عدالت ۾ وڪيل معرفت پٽيشن داخل ڪرائي، جنهن ۾ عدالت ايس ايس پي خيرپور کي حڪم ڏنو ته ايس ايڇ او امير علي چانگ، اي ايس آ شاھد علي خشڪ ۽ ٻين اھلڪارن مٿان نعيم سمنگ کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، جنهن بعد احمدپور ٿاڻي تي ايس ايڇ او امير علي چانگ، اي ايس آ شاھد علي خشڪ ۽ ٻين اھلڪارن مٿان نعيم سمنگ جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پوليس ڪنھن به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي.