پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ پراسرار گولي لڳڻ سبب قتل ٻارڙي جو ڪيس داخل نه ٿيو

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ گذريل رات دير سان پراسرار گولي ۾ قتل ٿيل 3 مهينن جي گلن جهڙي ٻارڙي جو قتل ڪيس داخل نه ٿيو. پوليس جوابدار جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. خبر موجب حيدرآباد جي فورٽ ٿاڻي جي حد جي علائقي فقير جي پڙ ۾ گهر ۾ پراسرار گولي لڳڻ دوران ٽن مهينن جي کيرپياڪ ٻارڙي مسڪان قتل ٿي وئي هئي.

ان ڏس ۾ 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود گولي لڳڻ جي جاچ نه ڪري سگهي آهي نه وري قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ايس ايڇ او فورٽ رحيم چانڊيو ٻڌايو ته ٻارڙي کي رائيفل جي گولي لڳل آهي. قاتل جا پيرا کڻون پيا، اڃا خبر نه پئي آهي ته گولي ڪٿان هلي آهي. هن چيو ته نامعلوم جوابدار خلاف غفلت ۽ قتل جا قلم هڻي ڪيس داخل ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button