اسلام آبادپاڪستان

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ لاڳو پابنديون ختم

اسلام آباد:نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي سربراهه ۽ وفاقي وزير اسد عمر ملڪ ۾ ڪرونا روڪڻ لا لڳايل پابنديون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اربع تي هتي ڪرونا وائرس جي پابندين بابت ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته ملڪ ۾ ڪرونا ڪيس ۽ اسپتالن ۾ ڪرونا مريضن جي شرح گهٽجي وئي آهي. جڏهن ته ويڪسينيشن جي شرح ۾ اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، اسان کي علم نه آهي ته هي وبا ختم ٿيندي يا نه پر في الحال ايئن لڳي ٿو ته هي هلندي رهندي ۽ معمول جو حصو بڻجي ويندي، تنهنڪري اسان ڪرونا وائرس سبب لڳايل سموريون پابنديون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پابنديون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي هن چيو ته انڊور شادي جون تقريبون، اسپورٽس، جيمز سميت سمورين پابندين کي ختم ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ويڪسين بابت پابنديون هاڻي به برقرار آهن، مطلب ته هوائي سفر ڪندڙن لاءِ ويڪسين جي لازمي شرط برقرار رهندي. هن چيو ته جڏهن ويڪسينيشن جي شرح 85/80 سيڪڙو تائين پهچي ويندي، ان وقت هن پابندي جي ضرورت به نه رهندي ڇو ته وڏي اڪثريت ويڪسينيٽ ٿي چڪي آهي. اسد عمر چيو ته ان جو مطلب اهو ڪڏهن به نه آهي ته بيماري ختم ٿي وئي آهي. اسان هن کان پوءِ روزاني جي بنياد تي ان جي نگراني ڪندا رهنداسين ته ان وبا جي نوعيت ڇا آهي. جيڪڏهن اسان کي ڪائي اهڙي شئي نظر آئي، جنهن سبب قدم کڻڻ جي ضرورت پئي ته اهي اسان هميشه ڪري سگهون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button