حيدرآباد: حيدرآباد ۾ 2 ڏينهن اڳ ڳلو ڪپي قتل ڪيل 8 ورهين جي ٻارڙي جي واقعي ۾ ملوث پاڙيسري عورت ۽ سندس چاهيندڙ گرفتار، ڏوهه جو اعتراف، قتل ڪيس داخل. خبر موجب حيدرآباد جي ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي حد جي علائقي گلشن خيرمحمد ۾ لاڏائو قبيلي جي پورهيت جي گهر مان 8 ورهين جي ٻارڙي نينا جو ڳلو ڪپيل لاش ميلو هو، ان ڏس ۾ پوليس ٻارڙي جي قتل ڪيس ۾ ملوث پاڙيسري عورت گلالئي ٺاڪر زال مڪيش ۽ سندس چاهيندڙ رامچند ٺاڪر کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس ٻڌايو ته ڄاڻايل جوابدار عورت ۽ مرد جا پاڻ ۾ جنسي لاڳاپا هئا، ڄاڻايل جوابدارن پوليس آڏو اعتراف ڪيو آهي ته هنن ٻارڙي کي ڪهي قتل ڪيو آهي. مقتولا نينگري جوابدارن جي لاڳاپن بابت گهر ۾ والدين کي ٻڌائيندي هئي. جنهن تان ڪاوڙ ۾ اچي ٻارڙي کي قتل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڄاڻايل جوابدارن خلاف مقتولا جي پي جي فرياد تي ٽنڊو يوسف ٿاڻي تي قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جوابدار عورت ۽ سندس چاهيندڙ کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. پوليس قتل واري هنڌان گذريل ڏينهن ڇري پڻ هٿ ڪري ورتي هئي.