اسلام آباد/لاڙڪاڻو : تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 جي رٿا کي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ تي سنڌ جي نمائندي احتجاج ڪيو آهي. ڪالهه وفاقي وزير شوڪت ترين جي صدارت ۾ ايڪنڪ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي ميمبر نثار کهڙو وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو ۽ چيو ته صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ جو مامرو سي سي آءِ ۾ التوا هيٺ آهي. سي سي آءِ جو فيصلو اچڻ تائين تڪراري ڪئنال جي رٿا کي روڪيو وڃي. اڳ ئي پاڻي جي سنگين کوٽ آهي. گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ سنڌ جي احتجاج بعد ايڪنڪ طرفان پاڻي تڪرار تي فيصلي جو معاملو سي سي آءِ ۾ کڻي وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اينڪ اجلاس ۾ سنڌ تڪراري گريٽر ٿل ڪينال فيز II منصوبي جي سخت مخالفت ڪئي. جڏهن ته پنجاب جي نمائندي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو. نثار کهڙي موقف رکيو ته سنڌ پوڇڙ وارو صوبو آهي جتي اڳ ئي پاڻي جي شديد کوٽ آهي ۽ وفاق به پاڻي جي کوٽ جو اعتراف ڪري رهيو آهي ۽ ٽيلي ميٽري سسٽم به ناهي. گريٽر ٿل ڪينال فيز II پروجيڪٽ ان وقت تائين ملتوي ڪيو وڃي، جيستائين سي سي آءِ پاڻي جي ٽه رخي فارمولي تي فيصلو نه ڪري. هوڏانهن لاڙڪاڻي جي نمائندي موجب نثار کهڙو ايڪنڪ اجلاس ۾ سنڌ جو موقف پيش ڪندي چيو ته پاڻي جي ٿري ٽيئر فارمولا ۽ صوبن وچ ۾ پاڻي جي ورهاست وارو معاملو سي سي آءِ وٽ پينڊنگ آهي، جيسيتائين سي سي آءِ ۾ ڪو فيصلو نه ٿو ٿئي تيسيتائين گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو جو منصوبو ختم ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ايڪنڪ ۾ پاڻي جي ٿري ٽيئر فارمولي جي فيصلي لاءِ معاملو سي سي آءِ ۾ کڻي وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. نثار کهڙو سنڌ جو پاڻي جي ٿري ٽيئر فارمولي بابت سي سي آءِ ۾ ڀرپور ڪيس پيش ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته پاڻي جي اڳ ئي سخت کوٽ آهي ۽ گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو منصوبي جي لاءِ اضافي پاڻي ڪٿان ايندو. نثار کهڙي چيو ته 2001ع ۾ به واپڊا طرفان گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو تي ايڪنڪ جي منظوري کان بغير پاڻي جي موجودگي بابت ارسا جي اين او سي جي بغير ڪم شروع ڪيو ويو هو ان وقت به سنڌ کي سخت خدشا هئا. گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو هڪ سنجيده معاملو آهي سي سي آءِ جي فيصلي کان اڳ ۽ سنڌ جي خدشن توڙي تحفظاتن کي دور ڪرڻ بغير هن منصوبي جي منظوري سان سنڌ ۾ احساس محرومي وڌندي ان لاءِ ان معاملي کي سي سي آءِ ۾ موڪليو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ صوبي جا خدشا ختم نه ڪيا ويا ته سنڌ گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽور منصوبي بابت ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ کي فنڊنگ نه ڪرڻ لاءِ رابطو ڪندي ته هي منصوبو ظلم ۽ زيادتي تي ٻڌل آهي. نثار کهڙو وڌيڪ چيو ته سنڌ اسيمبلي پاڪستان ٺهڻ جي قرارداد منظور ڪئي ۽ ان سنڌ اسيمبلي گريٽر ٿل ڪئنال جي خلاف قرارداد منظور ڪئي آهي. ان لاءِ گريٽر ٿل ڪئنال جي خلاف سنڌ اسيمبلي جي قرارداد کي نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي. ايڪنڪ اجلاس ۾ وفاق پاڻي جي کوٽ جو اعتراف ڪيو ۽ وفاقي وزير شوڪت ترين ٿري ٽيئر فارمولي جو معاملو سي سي آءِ ۾ کڻي وڃڻ ۽ پاڻي جي مانيٽرنگ لاءِ ٽيلي ميٽر سسٽم لڳائڻ ۽ پنجاب کي ملندڙ پنهنجي ئي حصي جو پاڻي استعمال ڪرڻ جي رولنگ ڏني. ان موقعي تي وفاقي وزير شوڪت ترين چيو ته پاڻي جي کوٽ جي ڪري پڇڙي واري صوبي سنڌ کي متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، ان لاءِ ٽيلي ميٽري سسٽم هئڻ گهرجي. اجلاس ۾ وفاقي وزير شوڪت ترين پاڻي جي ٿري ٽيئر فارمولي جي فيصلي بابت معاملو سي سي آءِ ۾ کڻي وڃڻ جي رولنگ ڏني.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close