سنڌ

رتيديري مان کنڀجي ويلن جي معصوم ٻارڙن جو احتجاج

رتوديرو شهر مان ڪراچي پوليس هٿان کنڀجي ويل قريشي خاندان جا 7 گھر ڀاتي اڃا تائين نه موٽي سگهيا. سندن معصوم ٻارڙن پنهنجي والدين جي آزادي لاءِ 26 ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي معصوم ٻارڙا عبدالرافع، سونهن، نتاشا، عليشا، محمد حسين، مبارڪ، معز قريشي ۽ ٻين رتوديرو پريس ڪلب پهچي چئن ڪلاڪن تائين علامتي بک هڙتال ڪئي. هنن دانهيندي چيو ته عجب جهڙي ڳالهه آهي جو اسان جي والدين کي بيگناهه ڪراچي پوليس کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، اڃا تائين اسان جي والدين کي آزاد نٿو ڪيو وڃي. ڪراچي پوليس اسان معصوم ٻارڙن کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏئي رهي آهي، انهن کان ڪير پڇڻ وارو نه آهي، اسان جي هڪ ئي گھر جا 7 ڄڻا منظور علي، مظهر، غازي خان، محمد جمن، عبدالفتاح، فهد ۽ محمد جمن قريشي گم ٿيل آهن. اسان 26 ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا آهيون پر هن وقت تائين تڪ جي ڪنهن چونڊيل نمائندي معصوم ٻارڙن جي خالي دلجوئي به نه ڪئي ۽ نه وري ڪو اسان وٽ ان سلسلي ۾ لڙي آيو آهي. احتجاج ڪندڙ معصوم ٻارڙن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان جي والدين کي آزاد ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button