اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان اپوزيشن جي سمورين پارٽين جو ڄمي مقابلو ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته 27 مارچ جي جلسي ۾ قومي تبديلي نظر ايندي. ذريعن مطابق عمران خان چيو ته هي ڀلي ڪيترا به پئسا لڳائين، انهن جو مقابلو ڪندس. هي ماڻهو مائنس ون چاهين ٿا، ايئن نٿو ٿي سگهي. شڪر آهي هي مطالبو ڪري رهيا رهيا آهن، ان کان اسان اڃا مٿي وينداسين. ڪالهه وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل سياسي ڪميٽي جي اجلاس جو اندريون هال احوال سامهون اچي ويو آهي. اجلاس ۾ باغي پارٽي ميمبرن ۽ اپوزيشن جي بي اعتمادي رٿ سميت مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ عمران خان باغي ميمبرن جي خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪندي سيڪريٽري جنرل پاڪستان تحريڪ انصاف عامر ڪياني ۽ پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ کي قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي. ذريعن مطابق وزيراعظم جو چوڻ هو ته باغي ميمبرن جي خلاف اهڙا قدم کڻنداسين جو مستقبل ۾ ڪنهن کي هارس ٽريڊنگ جي جرئت نه ٿيندي. ذريعن مطابق وزيراعظم عمران خان اپوزيشن جي سمورين پارٽين جو ڄمي مقابلو ڪرڻ جوا علان ڪندي چيو ته 27 مارچ جي جلسي ۾ قومي تبديلي نظر ايندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جي اڪثريت سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي مخالفت ڪئي. ذريعن موجب گهرو وزير گورنر راڄ جي سمري پيش ڪئي، شيخ رشيد سميت ٻن وزيرن گورنر راڄ جي حمايت ڪئي، جڏهن ته اڪثريت جي راءِ هئي ته گورنر راڄ لڳائڻ سان قانوني ڏکيائيون پيدا ٿينديون. ذريعن موجب اڪثريت چيو ته گورنر راڄ لڳائن سان معاملا وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿا، پوءِ وزيراعظم سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي مخالفت ڪندي معاملي تي وڌيڪ غور جي هدايت ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close