اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم جي صلاحڪار شهباز گل کي گاريون ڏيڻ تي نوٽيس جاري

اسلام آباد :تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر رميش ڪمار وزيراعظم عمران جي خاص مددگار شهباز گل کي قانوني نوٽيس اماڻي ڇڏيو. پي ٽي آئي ايم اين اي رميش ڪمار شهباز گل کي خانگي ٽي وي پروگرام ۾ گار ڏيڻ جي معاملي تي قانوني رستو اختيار ڪيو آهي. رميش ڪمار شهباز گل کي گار ڏيڻ جي معاملي تي معافي وٺڻ لاءِ ليگل نوٽيس اماڻي ڇڏيو آهي. پي ٽي آئي ايم اين اي وزيراعظم جي خاص مددگار کي پنهنجي وڪيل ثاقب جيلاني جي مدد سان ليگل نوٽيس اماڻيو آهي. ليگل نوٽيس ۾ چيو ويو ته شهباز گل 15 ڏينهن ۾ رميش ڪمار کان معافي وٺي ۽ 10 ڪروڙ رپيا هرجاڻو ادا ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button