کورواھه: پاڻي جي کوٽ خلاف قومي عوامي تحريڪ کورواهھ پاران ڪامريڊ يوسف لاشاري، ناز مٺو مل مھيشوري، حاجي خان لاشاري، مبارڪ سمون، وڪيو لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ کورواھه پريس ڪلب ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته گذريل ٽن مھينن کان کورواھه، سعيدواهھ، شيرواھه، بھادرواھه ۽ ٻين شاخن جو پاڻي بند آھي، شاخن ۾ واري اڏامي رھي آھي.
هنن چيو ته پاڻي نه ھجڻ سبب ماڻھو ۽ مال اڃ مرڻ لڳا آھن، شھر جي واٽرسپلا ۾ پاڻي ناھي، گھرن ۽ مسجدن ۾ پاڻي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي، هنن چيو ته جر جو پاڻي به کارو ٿي چڪو آھي، ماڻھو پيسن عيوض پري کان پاڻي ڀرڻ تي مجبور ٿي ويا آھن، هنن مطالبو ڪيو ته فورن شاخن ۾ پاڻي ڇڏي، ماڻھن ۽ مال کي اڃ مرڻ کان بچايو وڃي.