پاڪستانسنڌ

راڌڻ ۾ موهن جو دڙو ايڪسپريس جا ڀاڙا وڌائڻ خلاف احتجاج

راڌڻ: سيوھڻ دادو لاڙڪاڻو ريلوي سيڪشن تي ھلندڙ موھن جو دڙو ايڪسپريس پرائٔيويٽ ٿيڻ بعد من پسند ڀاڙا وصول ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا، جنهن سبب مسافر پريشان ٿي ويا. ان حوالي سان مسافرن دانهيندي ٻڌايو ته باقراڻي کان راڌڻ جو ڀاڙو 60 رپيا هو، جيڪو وڌائي سئو رپيا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پيرسن مسافرن کان به اڌ بدران پورو ڀاڙو وصول ڪيو پيو وڃي. هنن اختيارين کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي ڀاڙن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button