اسلام آبادپاڪستان

بي اعتمادي رٿ آڻيندڙ پارٽين کي نوٽيس/ سياسي معاملن ۾ مداخلت نه ڪنداسين:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ بي اعتمادي رٿ پيش ڪندڙ سياسي پارٽين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته بي اعتمادي واري رٿ تي آئين تحت عمل ٿيڻ گهرجي، عدالت کي ان ۾ ڪا به دلچسپي ناهي. سپريم ڪورٽ بي اعتمادي ۽ سياسي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندي. ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي بي اعتمادي رٿ، ڊي چوڪ تي جلسي ۽ لانگ مارچ بابت آئيني درخواست تي شنوائي ٿي. سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن طرفان بي اعتمادي واري ڏينهن تي ٽڪراءَ جي خطري کي نظر ۾ رکندي آئيني درخواست داخل ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ وزيراعظم، گهرو وزارت، بچاءَ واري وزارت، آءِ جي اسلام آباد، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ۽ اسپيڪر کي ڌر بڻايو ويو هو. شنوائي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته درخواستگذار جي استدعا سياسي حوالي سان آهي. عدالت کي ملڪ جي سياسي صورتحال کي نه آئين کي ڏسڻو آهي ۽ قانون تي عمل ٿيڻ گهرجي. اخبارن مان خبر پئي ته آرٽيڪل 63 اي جي حوالي سان حڪومت به سپريم ڪورٽ اچي رهي آهي. سپريم ڪورٽ بار لا اينڊ آرڊر جي حوالي سان خدشا رکي ٿي. اسان پاڻمرادو نوٽيس ناهي ورتو پر داخل درخواست کي ٻڌي رهيا آهيون. اسان هڪ اهڙو واقعو ڏٺو جيڪو اظهار جي آزادي جي آئيني حق جي خلاف آهي. اٽارني جنرل چيو ته ان باري ۾ ته ڪو ٻيو سوال ئي ناهي. ڪجهه حڪومتي ميمبر سنڌ هائوس ۾ هئا، جنهن سياسي ماحول کي گرم ڪري ڇڏيو. اوچتو سياسي گرمي پد وڌيو ۽ اهو واقعو ٿيو. عوام پرامن احتجاج جو حق رکي ٿو. سپريم ڪورٽ بي اعتمادي رٿ پيش ڪندڙ سياسي پارٽين کي نوٽيس جاري ڪندي چيو آهي ته بي اعتمادي جو عمل آئين ۽ قانون موجب ٿيڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ جي ترجمان سنڌ هائوس تي حملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ واري خبر جي ترديد ڪندي چيو ته چيف جسٽس سنڌ هائوس حملي جو ڪوبه سوموٽو ناهي ورتو. سپريم ڪورٽ بار جي صدر پٽيشن فائل ڪئي آهي، ان تي شنوائي ٿيندي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته جيستائين بي اعتمادي جي رٿ جو تعلق آهي ته اهو سياسي عمل آهي. بي اعتمادي جي رٿ تي آئين تحت عمل ٿيڻ گهرجي، عدالت کي ان ۾ ڪا به دلچسپي ناهي. اميد ته سياسي ڌريون تحمل جو مظاهرو ڪنديون. ان تي اٽارني جنرل چيو ته ايندڙ آئين ۽ قانون تي سختي سان عمل ڪيو ويندو. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته مخالف ڌر کي چونداسين ته قانون تي عمل ڪيو وڃي، اٽارني جنرل صاحب توهان 63 اي ۾ ريفرنس داخل ڪري رهيا آهيو. چيف جسٽس چيو ته عدالت قومي ادارن کي تحفظ فراهم ڪرڻ يقيني بڻائيندي، اٽارني جنرل صاحب توهان 63 اي بابت عدالت جي راءِ چاهيو ٿا. جسٽس عمر عطا بنديال وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ ۽ پارليامينٽ جو احترام ڪيو ويندو آهي پر عدالت جو پليٽفارم ڪنهن به پارٽي کي استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، ان کي خراب ڪرڻ لاءِ، عدالت آئين تحت قانوني سوالن جا جواب ڏيندي. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ بار آئيني پٽيشن ۾ چيو آهي ته قومي اسميبلي جي اسپيڪر پاران آئين موجب بي اعتمادي رٿ تي ڪارروائي جي هدايت ڪئي وڃي. حڪومتي ادارن کي قومي اسيمبلي ميمبرن کي گرفتار يا نظربند ڪرڻ کان روڪيو وڃي. اسلام آباد ۾ اهڙن عوامي اجتماعن کان روڪيو وڃي جنهن ۾ اسيمبلي ميمبرن کي قومي اسيمبلي ۾ پهچڻ ۾ رڪاوٽ ٿئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button