اسلام آبا : وزيراعظم عمران خان هدايت جاري ڪئي آهي ته سنڌ هائوس تي ٿيل حملي جهڙو واقعو ٻيهر پيش نه اچي. رپورٽ موجب ڪالهه وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سياسي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پرويز خٽڪ جي اتحادي پارٽين، جهانگير ترين گروپ سان رابطن ۽ باغي ميمبرن جي رابطن بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 3 باغي ميمبرن واپس اچڻ لاءِ رابطو ڪيو آهي، جنهن تي وزيراعظم حڪومتي ٽيم کي سياسي رابطا جاري رکڻ جي هدايت ڪئي. واضح رهي ته ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان اٽارني جنرل خالد جاويد ملاقات ڪئي. جنهن ۾ مختلف قانوني معاملن تي به صلاح مشورا ڪيا ويا. جڏهن ته اٽارني جنرل وزيراعظم کي سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندڙ ٻڌڻي تي بريفنگ ڏني. ذريعن ٻڌايو ته اٽارني جنرل تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي سنڌ هائوس واقعي تي عدالتي ڳڻتي بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. جنهن تي وزيراعظم پارٽي ڪارڪنن کي هدايت جاري ڪندي چيو ته ٻيهر اهڙي طرح جو واقعو پيش نه اچي ۽ عدالت طرفان جيڪو به حڪم اچي ان تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close