حيدرآباد: مذهبي معاملن، عشر و زڪوات بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار فياض علي ٻٽ جي صدارت هيٺ حضرت لعل شهباز قلندر رح جي 770 هين ٽن ڏينهن جي عرس مبارڪ جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ سيوهڻ شريف ۾ اهم اجلاس منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي اجلاس ۾ صوبائي سيڪريٽري اوقاف جاعيد صبغت الله مهر، چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف زاهد علي شر، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪيپٽن رٽائرڊ فريدالدين مصطفيٰ ايس ايس پي جاويد بلوچ، ايس ايس پي اسپيشل برانچ ۽ خفيه ادارن جي آفيسرن سميت ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا.
فياض علي ٻٽ اجلاس سان خطاب ڪندي چيو ته وزيراعليٰ سنڌ لعل شهباز قلندر جي عرس مبارڪ دوران زائرين کي وڌ کان وڌ معياري سهولتون فراهم ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن. هن سمورن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو هڪٻئي سان رابطي ۾ رهن ۽ انتظام مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن زائرين کي ڪنهن به قسم جي ڪا تڪليف نه ٿئي. هن چيو ته انشا الله عرس مبارڪ خير وخيريت سان ٿيندو.