حيدرآباد: ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر لالا جعفر پٺاڻ ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اينيمل هسبينڊري سيد صابر شاهه ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 21 مارچ کان 4 اپريل تائين ڪرونا وائرس جي ٽئين لهر کان بچاءُ لاءِ ويڪسينيشن جو ٻيو ڊوز لڳائڻ جي مهم شروع ٿي رهي آهي، جنهن لاءِ حيدرآباد ۾ صحت کاتي جون 574 ٽيمون گهر گهر وڃي 12 سال کان وڏي ڄمار جي ٻارن کي پهرين ۽ ٻئين خوراڪ ڏيڻ جي سهولت ميسر هوندي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته حيدرآباد ۾ ويڪسينيشن جو ٽارگيٽ 90 سيڪڙو تائين ممڪن بڻايو وڃي.
هن تازو ڦليل ڊائريا وائرس جو ذڪر ڪندي چيو ته هن وقت تائين حيدرآباد ۾ ڊائريا جا 286 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن مان 39 مريض اسپتالن ۾ داخل آهن. هن چيو ته ڊائريا کان بچاءُ لاءِ دوائن سميت وارڊ ۽ ڊاڪٽرن جو مڪمل بندوبست ڪيو ويو آهي. ان موقعي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر انيمل هسبينڊري سيد صابر شاهه جانورن ۾ ڦليل لمپي اسڪين ڊزيز جو ذڪر ڪندي چيو ته سائوٿ آفريڪا کان ڦھليل لمپي اسڪين ڊزيز جو مرض پاڪستان ۾ ڦلجڻ شروع ٿي ويو آهي، جنهن سان منهن ڏيڻ لاءِ انيمل هسبينڊري پاران سمورا انتظام ڪيا ويا آهن، هي مرض مڇرن ذريعي چوپائي مال ۾ ڦلجي رهيو آهي.