نئون ڪوٽ: نئٔون ڪوٽ ۾ پوليس ڪاڄ تي ڇاپو هڻي شادي روڪرائي ڇڏي. خبر موجب نئون ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ علي بخش ڪلوئي ۾ نئون ڪوٽ پوليس ڇاپو هڻي ونواهه ۾ ويٺل نوجوان ناري سحرش، سندس ما نسرين ۽ والد غلام مصطفى ڪلوئي کي گرفتار ڪري نئون ڪوٽ ٿاڻي کڻي آئي، جتي ايس ايڇ او نئون ڪوٽ ٻڌايو ته اسان کي اطلاع مليو ته جنهن ناري جي شادي رٿيل آهي، اها نابالغ آهي، وڌيڪ ميڊيڪل لاءِ رورل هيلٿ سينٽر نئون ڪوٽ کي ليٽر لکيو آهي، جيڪڏهن ميڊيڪل رپورٽ ۾ ڇوڪري بالغ نڪتي ته شادي تي ڪو اعتراض ناهي. هوڏانهن ناري جي والد غلام مصطفى ۽ ما نسرين ڪلوئي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته پوليس اهلڪار غلام حسين ڪلوئي اسان کي ڪافي سالن کان مختلف طريقن سان تنگ ڪندو اچي ٿو ۽ سرڪاري هٿيار جي زور تي منهنجي نياڻي سحرش کي اغوا ڪري ويو ۽ ظلم بعد منهنجي نياڻي کي علائقي واسين جي دٻاءُ تي ڇڏيو، جيڪو منهنجي نياڻي جي شادي روڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ چوي ٿو ته آئون سحرش سان شادي ڪندس، نه ته زندگي زهر بڻائي قتل ڪري ڇڏيندس. اسان پوليس اهلڪار خلاف عدالت سميت ڊي آئي جي ميرپوخاص ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کي درخواستون ڏنيون، پر پوليس پنهنجي پٽي ڀائي خلاف ڪارروائي بدران کيس بچائڻ ۾ پوري آهي. هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد کي اپيل ڪئي ته پوليس اهلڪار غلام حسين ڪلوئي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او اسلم جمالي ٻڌايو ته اسان کي ايس ايس پي ميرپورخاص جو حڪم مليو ته ڳوٺ علي بخش ڪلوئي ۾ نابالغ ڇوڪري جي شادي ڪرائي پئي وڃي، جنھن بعد اسان ڳوٺ علي بخش ڪلوئي پھچي ناري ۽ ناري جي وارثن کي نئون ڪوٽ ٿاڻي آندو ۽ انھن کان لکت ۾ بيان ورتو ته ميڊيڪل رپورٽ اچڻ تائين شادي روڪي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close