پاڪستانسنڌ

شادي پلي ۾ پيرسن خودڪشي ڪري ڇڏي

عمرڪوٽ: شادي پلي شهر جي وارڊ نمبر 2 ۾ 60 سالن جي پيرسن شخص پاڻ کي بجلي جي پول ۾ لٽڪائي ڦاھو کائي ڇڏيو. شادي پلي شهر جي وارڊ نمبر 2 جي رهواسي 60 ورهين جي شامون ڪولهي بجلي جي پول ۾ ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. وارثن جو چوڻ هو ته شامون ڪولهي گهرو اڻبڻت سبب پريشان رهندو هو، ان ڪري ان اهڙو قدم کنيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button