سانگھڙ: وطن يا ڪفن آزادي يا موت جو نعرو هڻي ڌرتي جي آجپي لاءِ سر گھوريندڙ انقلابي اڳواڻ شهيد پير سيد صبغت الله شاهه راشدي المعروف شهيد سورھيه بادشاھه جي آخري آرامگاهه 79 سال گذرڻ باوجود ظاهر نه ڪرڻ، 20 مارچ تي سنڌ ۾ عام موڪل نه ڪرڻ، گڙنگ بنگلي سانگهڙ ۾ سورھيه بادشاھه يونيورسٽي قائم نه ڪرڻ ۽ ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي جو نالو شهيد سورھيه بادشاھه نه رکڻ خلاف جسقم ضلعي سانگهڙ جي ڪارڪنن پريس ڪلب آڏو ٻن ڏينهن جي علامتي بک هڙتال شروع ڪئي وئي آهي. پهرئين ڏينهن ضلعي اڳواڻن مهراڻ سنڌي، دوست علي ڀٽي، غلام رسول شر ۽ عبدالنبي بڙدي جي اڳواڻي ۾ 70 ڪارڪنن علامتي بک هڙتال ڪئي. ساڻن يڪجهتي طور پريس ڪلب سانگهڙ جو اڳوڻو صدر عاجز منگي، غلام نبي راڄڙ، نثار ڀرٽ، مٺو سانگهڙائي، شبير مري ۽ ٻيا بک هڙتال تي ويٺا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close