اسلام آبادپاڪستان

ذميوارن جو مٿان هڪڙو فون آيو ته اپوزيشن ليٽي پئي آهي:گهرو وزير

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ۾ همت آهي ته او آءِ سي ڪانفرنس ۾ مداخلت ڪري ڏيکاري، ان جون رڙيون آسمان تائين وينديون. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گھرو وزير چيو آھي ته ڪنهن به ماءُ جي لال ۾ همت آهي ته هو او آءِ سي اجلاس ۾ مداخلت ڪري ڏيکاري، ڪو به حادثو ٿيو ته اڳواڻن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائيندس. هن چيو ته جيڪو او آءِ سي جي خلاف ڳالهه ڪري ٿو ان تي لعنت آهي. بلاول جي سياست جا کير وارا به ڏند نه ُٽٽا آهن ۽ چئي رهيو آهي ته ڌرڻو ڏينداسين. ڌرڻو هڻڻ جي ڳالهه ڪندڙن پنهنجي شڪل ڏٺي آهي، جيڪي او آٰءِ سي ۾ مداخلت ڪندا انھن جو حشر خراب ٿيندو. شيخ رشيد پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڌمڪي تي چيو ته ذميوارن جي هڪڙي فون آئي ۽ توهان ليٽي پيئو. بلاول جي بيان تي 22 ملڪن جي سفيرن ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو، کين ٻڌايو آهي ته مهمانن جي واپسي تائين سمورا انتظام پاڪ فوج وٽ آهن، 25 مارچ تي جوڊو ڪراٽو ٿيڻو آهي ته ٿي وڃي. سندس چوڻ هو ته مائنس ون ڪير ناهي هوندو، عمران خان مائنس ٿي وڃي ته پوئتي ڪير آهي. پي ٽي آءِ جي ڪاوڙيل ميمبرن کي صلاح ڏيان ٿو ته اپوزيشن کان پئسا وٺي واپس اچي وڃن. هن چيو آهي ته اسپيڪر کي حق آهي ته بي اعتمادي کي حالتن موجب اڳتي وٺي وڃي. ووٽنگ جي لاءِ ڪنهن به ميمبر جي راهه ۾ رڪاوٽ نه وڌي ويندي، اصلي ۽ نسلي ماڻهو عمران خان سان گڏ بيٺا هوندا. هن چيو ته ڦري ويل ميمبرن کي چوان ٿو انهن جو مال کائو پر ووٽ عمران خان کي ڏيو، توهان جي وڪالت مان ڪندس، اپوزيشن جي جلسن کي سيڪيورٽي فراهم ڪنداسين. شيخ رشيد چيو ته اسلام آباد جي اهم سرڪاري عمارتن جي سيڪيورٽي رينجرز ۽ ايف سي کي ڏني آهي. اٽارني جنرل ريفرنس داخل ڪري رهيو آهي جيڪو قانوني مامرو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button