لاهور: حڪومتي شخصيتن سان ترين گروپ جي ملاقات ۾ هڪ دفعو ٻيهر پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کي تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ترين گروپ طرفان چيو ويو آهي ته پارٽي ڇڏڻ نٿا چاهيون پر عثمان بزدار کي هٽائڻو پوندو. ترين گروپ جي حڪومتي شخصيتن سان ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ترين گروپ جي 17 اسيمبلي ميمبرن وڏي وزير سان خدشن جي ڊگهي لسٽ پيش ڪري ڇڏي. ترين گروپ ملاقات ۾ تڪ جا مسئلا، بيورو ڪريسي جي رويي، انتقامي رويي سان حڪومتي ٽيم کي آگاهه ڪري ڇڏيو. پنجاب جي تعليم واري وزير ڊاڪٽر مراد راس جي اڳواڻي ۾ حڪومتي ٽيم ترين گروپ سان ڳالهيون ڪيون. حڪومتي ٽيم ترين گروپ کي وزيراعظم يا وڏي وزير سان ملاقات جي به آڇ ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close