هالا: سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ صحافي جان خاصخيلي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، جان خاصخيلي کي گذريل رات دل ۾ تڪليف سبب اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي هو زندگي جي جنگ هارائي ويو، سندس مڙهه کي ايمبولينس ذريعي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي آندو ويو، جتي سندس جنازي نماز ادا ڪئي وئي.
جنهن ۾ صحافي اسحاق مڱريو، وفا رضا، پروفيسر منوج ڪمار، محمد حبيب سنائي، جاويد سوز هالائي، شجاع الدين قريشي، انور ابڙو، چندر ڪيسواڻي، محمد علي پٺاڻ، سرواڻ بلوچ، شاھد شاھه، اشفاق لغاري، حيدر خان نظاماڻي، وسيم خان نظاماڻي، دادا علي بخش سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مرحوم کي سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.