ھالا: سول سوسائٽي ھالا پراڻا طرفان اسرا يونيورسٽي جي تعاون سان غريب مسڪين عورتن جي علاج لاءِ ھڪ روزه مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ ملڪ جي نالي واري گائناڪولوجسٽ ڊاڪٽر پشپا سري چند، ڊاڪٽر تانيا شيخ، ڊاڪٽر نورالعارفين ۽ ٻين عورتن جو معائنو ڪيو ۽ کين مفت دوائون ڏنيون.
ميڊيڪل ڪئمپ تي سول سوسائٽي پاران علاج لاءِ ايندڙ عورتن جي سھولت لاءِ ڪرسين، ٿڌي پاڻيءَ جو پڻ بندوبست ڪيو ويو ھو. ان موقعي تي سول سوسائٽي جي چيئرمين سيد گلفام شاھه ڪاظمي، پروفيسر ڊاڪٽر نياز ميمڻ، عبدالڪريم ميمڻ، عنايت الله ميمڻ، عاشق ھالائي، پرويز احمد شيخ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.