اسلام آباد :پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمدالله چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان خطاب دوران ڀارت جي پرڏيهي پاليسي جي تعريف ڪئي.
پنهنجي بيان ۾ حافظ حمدالله چيو ته ڀارتي پرڏيهي پاليسي جي تعريف پاڪستاني پرڏيهي پاليسي جي ناڪاميءَ جو اعتراف آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي حيثيت سان ڀارت جي تعريف ڪرڻ پاڪستان جي منهن تي چماٽ آهي. سندس چوڻ هو ته آئين اسپيڪر کي پابند ڪري ٿو ته 14 ڏينهن اندر اجلاس گهرائي، 14 ڏينهن ۾ اجلاس نه گهرائڻ آئين جي ابتڙ آهي، پوءِ آرٽيڪل 6 موجب اها بغاوت آهي. پي ڊي ايم ترجمان موجب اسپيڪر آئين جي رستي ۾ رنڊڪ بڻيو ته ٽڪراءَ جو ذميوار هو ۽ عمران خان ٻئي هوندا.