اسلام آبادپاڪستان

اسپيڪر آئين ٽوڙيو ته آرٽيڪل 6 لڳندو:نوازليگ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ:س 14 ڏينهن اندر نه سڏائڻ جا بهانا ڳوليا پيا وڃن. بي اعتمادي رٿ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس نه آهي، بي اعتمادي رٿ پراسيس جلد پورو ڪرڻو پوندو. آئين ٽوڙيو ته آرٽيڪل 6 لڳندو. اهڙن خيالن جو اظهار شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، مريم اورنگزيب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. شاهد خاقان عباسي چيو ته بي اعتمادي رٿ جو عمل جاري آهي، عمران خان کي پڪ ٿي وئي آهي ته سندس ڏينهن پورا ٿي ويا آهن. عمران خان کي اهي ئي ڪڍي ڇڏيندا جن ان کي ڪڍيو. هن سڄي عمل ۾ نه پئسا گهريا نه ڏنا نه ڪنهن وزارت گهري نه واعدو ڪيو. هن چيو ته عوام جي تڪيلفن جي تائيد ۾ بي اعتمادي رٿ آندي پئي وڃي. هن چيو ته هي بلوچستان عدم اعتماد نه آهي جتي ساڍا 3 ارب رپيا خرچ ٿيا. هي آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي اليڪشن نه آهي. هي قومي اسيمبلي اسپيڪر گهر ۾ ويهي پئسا ورهائڻ وارو عمل نه آهي. اڳوڻي وزيراعطم چيو ته هن حڪومت جي هر وزارت ۾ ڪروڙين اربين رپين جي ڪرپشن آهي. عمران خان ٻڌائي ته شهزاد اڪبر ڪٿي آهي ڇا شهزاد اڪبر شگر ملن کان وڃي پئسا نه ورتا؟ جڏهن وزيراعظم جلسن تي وڃي ته سمجهو وقت پورو ٿي ويو. احسن اقبال چيو ته حڪومت ناڪامي ڏسي مذهب ڪارڊ استعمال ڪري رهي آهي. هن چيو ته پنهنجي گندي سياست کي بچائڻ لاءِ مذهب استعمال ڪيو پيو وڃي. امر بالمعروف جو مطلب اهو نه آهي ته غريب کي مهانگائي ۾ ڌڪي ڇڏيو، امر بالمعروف جو مطلب اهو ته ماڻهن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو. امر بالمعروف جو مطلب ميڊيا کي گهٽو ڏيڻ نه آهي. ان موقعي تي صحافي سوال ڪيو ته سنڌ هائوس ۾ جيڪو ڪيو ويو آهي ڇا اهو ٺيڪ آهي؟ شاهد خاقان عباسي چيو ته سنڌ هائوس ۾ ڇا ٿيو، اتي ڪي رهڻ لڳا ته ڇا ٿي پيو. صحافي سوال ڪيو ته ميان جليل شرقپوري جي مٿي تي پنجاب اسيمبلي ۾ لوٽا رکندڙ منظر ڇا ٺيڪ آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته جو جليل شرقپوري اپوزيشن مان حڪومت ۾ وڃي رهيو هو، هي ته حڪومت ڇڏي اچي رهيا آهن. صحافي سوال ڪيو ته اسپيڪر جي خلاف آرٽيڪل 6 لڳائيندا؟ شاهد خاقان عباسي جواب ڏنو ته اڃا ته اسپيڪر قانون ٽوڙيو آهي، آئين ٽوڙينديو ته آرٽيڪل 6 لڳندو. صحافي سوال ڪيو ته مسلم ليگ (ق) کي وڏ وزارت ڏئي رهيا آهيو، شاهد خاقان عباسي چيو ته بي اعتمادي رٿ کان پو سڀ ڪجهه طئي ٿي ويندو، اتحادي اسان سان ساٿ ڏيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button